رڃ ۾ رابيل

رڃ ۾ رابيل

رڃ ۾ رابيل

رڃ ۾ رابيل: هي ڪهاڻين جو مجموعو نامياري ڪهاڻيڪار اخلاق انصاريءَ جي تخليق آهي. هن ڪتاب ۾ سندس 16 ڪهاڻيون شامل آهن. ڪتاب جو مهاڳ طارق عالم ابڙي لکيو. جنهن سندس ڪهاڻين جي فني خوبين کي تفصيل سان بيان ڪيو آهي. هن مجموعي جو سُرِ ورق نامياري آرٽسٽ خدا بخش ابڙي جو ڊزائين ڪيل آهي. ليکڪ هن ڪتاب جي ارپنا سنڌ يونيورسٽيءَ جي انٽرنيشنل هاسٽل جي ڪمري 49 جي نالي ڪيل آهي! جتي اخلاق انصاري جا ڀائر اشتياق انصاري ۽ اسحاق انصاري به رهي چڪا هئا ۽ جتي اديبن ۽ شاعرن جي اچ وڃ رهندي هئي. هي ڪتاب مارئي ڪتاب گهر سکر پاران پوپٽ پرنٽنگ پريس خيرپور مان ڇپائي 1987ع ۾ پڌرو ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو